چانگ ساجن

چانگ، ساجن: مشهور سگهڙ ۽ نڙائي ساجن ولد محمد ابراهيم چانگ، 1947ع ڌاري ڳوٺ مٺي خان چانگ، تعلقي ٽنڊي غلام حيدر، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ساجن چانگ نڙ وڄائڻ جو ماهر فنڪار آهي. سانجن چانگ، نڙ جا بيت ڪهڙي به داستان جا هجن، گهڻوڪري لوڙائو راڳڻيءَ ۾ ڏيندو آهي. هن جو سؤٽ عيدن خان پنهنجي وقت جو وڏو سگهڙ ٿي گذريو آهي ۽ اهو به نڙ تي بيت ڏيندو هو، سندس پهريون استاد به اهو ئي هو، ان کان پوءِ ڪجهه وقت اسحاق فقير جي شاگرديءَ ۾ رهيو. کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي 1970ع ۾ پهريون ڀيرو امداد خواجه، منظور نقوي ۽ غلام حسين شيخ رڪارڊ ڪيو. مشهور ٽي. وي براڊڪاسٽر عبدالڪريم بلوچ 1972ع ڌاري کيس پي. ٽي. ويءَ تي آندو ۽ هن نڙ بيت پيش ڪيا. سنڌ ٽي. وي، ڪي. ٽي. اين ۽ ٻين چئنلن تي ڪيترا پروگرام ڪري چڪو آهي. ساجن چانگ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي نڙ بيتن گڏ ڪرڻ ۾ ڪافي معاونت ڪئي. کيس ڪيترا اوارڊ مليا آهن، جن ۾: جلال کٽي اوارڊ، سانوڻ فقير لاڙ اوارڊ، سنڌ اوارڊ، لعل شهباز اوارڊ ۽ ’سنڌ صدين کان اوارڊ‘. ساجن چانگ جي شاگردن جو حلقو ڪافي وسيع آهي. گهنور ڪالرو، بنگل چوهاڻ، فضل دائيداڻو، عظمت لاشاري سندس قابل ذڪر شاگرد آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو